پير مٺا سائين حضرت خواجه محمد عبدالغفار

پير مٺا سائين (حضرت خواجه محمد عبدالغفار): حضرت خواجه عبدالغفار المعروف پير مٺا سائين ضلعي ملتان جي شهر جلالپور پير والا ڀرسان هڪ ننڍڙي ڳوٺ لنگر شريف ۾ جنم ورتو. سندس خاندان علمي ۽ ادبي گهراڻو هو. سندس وڏن مان ڪيترا عالم ٿي گذريا هئا. سندس نسلي سلسلو پير چنڙ جي ڀاءُ محمد اويس رحمة الله سان ملي ٿو، جنهن جو اولاد چنڙ قبيلي سان مشهور آهي. پير مٺا سائين اهلبيت جو وڏو عالم هو. نقشبندي قادري چشتي ۽ سهروردي سلسلن جو تاجدار هو. کيس پنهنجي مرشد حضرت فضل علي قريشيءَ سان گهڻي عقيدت ۽ محبت هوندي هئي، هن تبليغ دين لاءِ سنڌ ڌرتيءَ تي فضلي، نقشبندي، مجددي فيض عام ڪرڻ لاءِ پنهنجي مرشد کان اجازت وٺي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ اصلاح شروع ڪيو، سنڌ جي شهرن، توڙي ڳوٺن، ۾ پنهنجا مرڪز قائم ڪيائين، هن طرفان قائم ڪيل بيشمار ديني تبليغي مرڪز سندس فيض ۽ محنت جو مثال آهن. هن وقت سندس 140 خليفا آهن، جيڪي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ديني خدمتون سرانجام ڏيئي رهيا آهن، پير مٺا سائينءَ شاعري پڻ ڪئي آهي، جنهن ۾ حمد و نعت، مناجات، منقبت شامل آهن. پاڻ پنهنجو آخري آستانو لاڙڪاڻي شهر جي محلي رامپور ۾ قائم ڪيائين، جيڪو پوءِ رحمت پور بڻجي ويو. 58 سالن جي ڄمار ۾ 1384هه مطابق 1964ع ۾ وفات ڪيائين. هر سال 8 شعبان تي سندس درگاهه رحمت پور ۾ ساليانو عرس ٿيندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو